مولابخش چانڊيو

مولابخش چانڊيو

چانڊيو مولابخش

چانڊيو، مولابخش: پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو سينيئر اڳواڻ ۽ قانون جو وفاقي وزير مولابخش ولد جمعو خان چانڊيو، پهرين سيپٽمبر 1952ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. هن 1966ع ڌاري نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي ۽ پوءِ مسلم سائنس ڪاليج، حيدرآباد مان انـٽـرميـڊئيـٽ ڪيـائين. 1981ع ۾ سنڌ لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي ڪيائين. شروعات ۾ ڪجهه عرصو وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل رهيو. شاگرديءَ واري دؤر ۾ سرگرم شاگرد اڳواڻ رهيو ۽ اڳتي هلي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو.
1988ع ۾ ان وقت جي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه جو صلاحڪار ٿيو. 1992ع واري پ پ حڪومت ۾ هو بيت المال سنڌ جو چيئرمئن رهيو. ادب ۽ شاعريءَ سان چاهه رکندر مولابخش چانڊيو مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ به لکندو رهيو آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ’ڀٽن پهريا ويس‘ ۽ ’شبنمي بوندون‘ ڇپيل آهن. ان کان سواءِ ٻه نثري ڪتاب ’فڪرِ ڀُٽو‘ ۽ ’ذڪر زندان جو‘ به شايع ٿيل آهن.
مولابخش چانڊيو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداريءَ جي ويجهن ساٿين ۾ شمار ٿئي ٿو. پيپلز اسٽڊي سرڪل جو سربراهه رهيو آهي. کيس 2009ع ۾ سينيٽر چونڊيو ويو ۽ اپريل 2011ع ۾ کيس وفاقي وزارت قانون جو قلمدان ڏنو ويو آهي. مولابخش چانڊيو پنهنجي تڪ جي ترقياتي ۽ سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.09.01  عيسوي

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو سينيئر اڳواڻ ۽ وزير مولابخش ولد جمعو خان چانڊيو، پهرين سيپٽمبر 1952ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرڀداس برهمچاري
حاجي ابو طالب اگهمي
جتوئي ارشاد ساگر
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
غازي فقير ڪلر
خداداد خان (ثاني)
ارباب کهاوڙ
ابو جعفر طوسي رح
شيخ جيئو
صاحبڏنو عباسي سائين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون